پنا لال بي ڪشوراڻي

پنا لال بي ڪشوراڻي

پنا لال بي ڪشوراڻي

پنا لال (بي) ڪشوراڻي: پنا لال (بي) ڪشوراڻي 31 مارچ 1938ع تي برڌيچند کتريءَ جي گهر ۾ ڳوٺ هٿونگي، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. ايس. سي ۽ ايم. ايڊ تائين حاصل ڪيائين. سندس سروس ۾ پهرين مقرري پهرين اپريل 1959ع تي اسسٽنٽ ٽيچر طور اسلاميه هاءِ اسڪول کپري ۾ ٿي. ان بعد ساڳئي هاءِ اسڪول ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. 1981ع کان 1985ع تائين ڦلهڏيون هاءِ اسڪول ۾، 1987ع کان 1989ع تائين ڪامپريهينسيو هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾، 1989ع کان 1997ع تائين لُوڻ کاڻ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ ۽ آخري هڪ سال هٿونگي هاءِ اسڪول ۾ هيڊماستر رهيو. جتان 31 مارچ 1998ع تي رٽائر ٿيو. سندس خاص خوبي هئي ته هو جتي به هيڊماستر ٿي ويندو هو ته به ڪلاس وٺندو هو. جيڪا ڳالهه عام طور هيڊماستر نه ڪندا آهن.
پنا لال نه ڪڏهن ڪرپشن ۾ ملوث ٿيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کي ان جو موقعو ڏنائين. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڀارت (احمد آباد) هليو ويو. جتي احمد آباد جي مشهور سنڌي اخبار ’هندو‘ جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو. ڀارت جي شهريت ملڻ کانپوءِ ڏهن سالن بعد وري سنڌ گهمڻ ۽ پنهنجي پينشن جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ وطن آيو ته کيس جائز طريقي کانسواءِ پينشن ڏيڻ جي آڇ ٿي، جيڪا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيائين ۽ پنهنجي جائز ۽ حق حلال جي وڏي رقم تان کيس هٿ کڻڻو پيو. هو سنڌ ۾ ئي هو ته کيس دل جو دورو پيو ۽ 19 جولاءِ 2007ع تي کپري ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪافي عرصي کان پوءِ سندس گهر واري سنڌ آئي ۽ اچي پنهنجي مڙس جي پينشن جا پئسا وصول ڪيائين ۽ واپس ڀارت موٽي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.03.31  عيسوي

پنا لال (بي) ڪشوراڻي 31 مارچ 1938ع تي برڌيچند کتريءَ جي گهر ۾ ڳوٺ هٿونگي، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو


2007.07.19  عيسوي

پنا لال (بي) ڪشوراڻي 19 جولاءِ 2007ع تي کپري ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيام داس جوشي
ابراهيم بلوچ
ضيا سرحدي
جيمس لوئيس مينس
روشن جي
دَل مناهيو
تنوير انجم
چانڊيو محمد باقر خان
پيرزادو شاهه محمد
حبيب الله ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون